سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي

سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچي: سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچيءَ ۾ ٻن دوستن ڊاڪٽر آنند ڪمار ۽ ستار پيرزادي، 1996ع ۾ شيخ اياز جي ڪتاب ’سانجهي سمنڊ سپون‘ جي ڇپائڻ سان شروع ڪئي. سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ جي برک اديبن جا ڪتاب ڇاپيا آهن، انهن ۾ ’سانجهي سمنڊ سپون‘ شيخ اياز، ’ڪتين ڪر موڙيا جڏهن‘ (ڀاڱو ٽيون، شيخ اياز)، ’تنقيد فن ۽ تاريخ'>ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ‘ (ڊاڪٽر فهميده حسين)، ’وڏا وڻ وڻڪار جا‘ (شيخ اياز ۽ تاجل بيوس)، ’وڏي وٿ هئام‘ (سوڀو گيانچنداڻي)، ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر’ (ڀاڱو 3، شيخ اياز)، ’تند برابر توريان'>جي تند برابر توريان‘ (شيخ اياز)، ’لاهوتي لڏي ويا‘ (علي احمد بروهي)، ’زندگيءَ جو سفر‘ (عبدالغفور ڀرڳڙي)، ’آدرشي انسان‘ (نورالدين سرڪي- ستار پيرزادو) ۽ ان کان سواءِ هيل تائين 40 کن ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو